ڪراچي ڪميٽي سان سنڌ ۾ نفرتون وڌنديون،جسقم

شاهپورجهانيان(ن س) سنڌ اسان جي ڌرتي آهي، ان جا مالڪ اسان سنڌي آهيون، جسقم سائين جي ايم سيد جي ڏنل عدم تشدد جي نظرئي ۽ شهيد بشير خان قريشي جي ڏسيل واٽ تي هلندي سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. وفاق ۽ سنڌ حڪومت جيڪو سنڌ سان ڏاڍ ڪيو آهي، اهو تاريخ ۾ جو وڏو ظلم آهي. سنڌ تي عربن، ايرانين، ارغونن قبضو ڪيو، پر هن وقت ان کان وڌيڪ تاريخ ورجائي پئي وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار جسقم ضلعي نوابشاهه جي صدر علي رضا خاصخيلي شاهپور جهانيان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته طاقت جي زور تي هٿرادو گهڙيل نظريو مڙهيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آئي ۽ ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ڪاميٽي ٺاهي سنڌ جي ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪئي پئي وڃي. جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي سدائين سنڌ جي ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي، اهي حڪمران سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني بڻائڻ چاهين ٿا، هن چيو ته سنڌ سنڌين جي آهي ۽ رهندي، سنڌ سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي ، سنڌ جا ماڻهو وفاق جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ روڊن رستن تي نڪرندا ، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ظفر ٻگهيو ،سيف سنڌي ،رستم ڏاهري پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو