ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) قائد جي شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جا ٻه ڌار ڌار واقعا پيش آيا، جن ۾ هڪ شخص فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. پهريون واقعو طارق روڊ ڪُرتا گلي جي هڪ فليٽ ۾ پيش آيو جتي فائرنگ سبب هڪ شخص حياتي جي بازي هارائي ويٺو.ريسڪيو اختيارين موجب، فوت ٿيندڙ شخص جي لاش کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس سڃاڻپ 30 سالن جي مجتبىٰ جي نالي سان ٿي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي معلومات موجب واقعو آپگهات (خودڪشي) جو نتيجو معلوم ٿئي ٿو، تنهن هوندي به سڀني رخن کان جاچ جاري آهي. ٻيو واقعو قصبه نيو ميانوالي ڪالوني ۾ پيش آيو جتي ايل پي جي جي دڪان ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو، زخمي کي فوري طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ٻنهي واقعن جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، جڏهن ته فائرنگ جي ڪارڻن ۽ جوابدارن بابت معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.










