ڪراچي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ٻن پورهيتن جي دڙو ۾ تدفين

دڙو (امداد ميمڻ) ڪراچي ۾ خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ دڙي واسي 2 پورھيت نوجوان چيپاٽجي فوت، ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار نوجوانن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. 22سالن جو عطا محمد ولد محمد حسن سومرو ۽ 24 سالن جو آفتاب احمد ولد محمد ابراھيم سومرو رات دير سان موٽر سائيڪل تي حاجين کي وٺڻ لاء ڪراچي ايئرپورٽ کان واپس جمشيد روڊ گرومندر واري علائقي ۾ گھر طرف اچي رھيا ھئا ته نيشنل اسٽيڊيم ۽ آغا خان اسپتال جي وچ واري موڙ وٽ ڊمپر پٺيان کان سندن موٽرسائڪل کي خوفناڪ ٽڪر ھنيو. حادثي جي نتيجي ۾ ٻئي نوجوان ٿڏي تي چيپاٽجي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ڊمپر ڊرائيور واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويو، فوت ٿيل نوجوانن جا لاش سول اسپتال ڪراچي آندا ويا. جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ کان پوءِ ٻنھي نوجوانن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش دڙي پھچڻ تي سوڳ ۾ ھر اک آلي ٿي ويئي. نوجوانن جي گھرن ۾ ماتم برپا ٿي ويو. ٻنھي نوجوانن بابت معلوم ٿيو آھي ته اھي روزگار سانگي ڪراچي ويل هئا، عطا محمد سومرو درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ آفتاب احمد سومرو رڪشا ھلائيندو هو. ٻنهي کي اباڻي قبرستان پيرڦل بادشاھ ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. جنازي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن, چونڊيل نمائيندن, صحافين , واپارين, شھرين مائٽن دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو