ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي گهرو وزارت ڪراچي ۾ پاسپورٽ جي سهولت لاءِ وڏو قدم کنيو آهي.مرڪزي ۽ مغربي ضلعن ۾ نيون پاسپورٽ آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي ايندڙ هفتي کولڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا ميگا سينٽر ناظم آباد ۽ سيمينز چورنگي جي سائيٽ تي نيون پاسپورٽ آفيسون قائم ڪيون ويون آهن.نادرا ميگا سينٽر ناظم آباد ۽ سائيٽ تي پاسپورٽ پروسيسنگ ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ناظم آباد ۽ سائيٽ نادرا ميگا سينٽر تي پاسپورٽ ڪائونٽر 24 ڪلاڪ سهولت فراهم ڪندا.










