ڪراچي جي نالن تي قبضن خلاف آپريشن شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ نالن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، آپريشن جي شروعات ڪيفي پيالا هوٽل گجر نالي کان ڪئي وئي. گجر نالي تي ڪيفي پيالا کان تين هٽي تائين ٻن جاين تي نيوڪراچي نالي تي آپريشن جاري آهي.ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ موجب آپريشن دوران نالن جي ٻنهي پاسن کان 30-30 فوٽ قبضا ختم ڪرايا ويندا، انتظاميه جو چوڻ آهي ته آپريشن ٽن هنڌن تي ٿي رهيو آهي، هر پوائنٽ تي 2 اسسٽنٽ ڪمشنر نگراني ڪن پيا، رهواسين کي گهر خالي ڪرڻ جو چيو ويو هو، جڏهن ته ڪنهن مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاءِ گجر نالي ۽ ٻين نالن وٽ فوج، پوليس ۽ رينجرز کانسواءِ سئي گيس ۽ ڪي اليڪٽرڪ جوان ٽيمون به گڏ آهن. متاثرن کي متبادل فراهم ڪيو ويندو پر ان باري فيصلو حڪومت ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو