ڪراچي ايندڙ وڌيڪ 2 مسافرن ۾ ڪورونا جي تصديق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پرڏيهه مان ڪراچي پهچندڙ وڌيڪ 2 مسافرن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي،سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب مسافرن جي ريپڊ اينٽيجن ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي،ترجمان موجب فيصل آباد جو رهواسي 28 ورهين جو ۽ مالاڪنڊ جو 25 ورهين جو رهواسي ٻئي جده کان ڪراچي پهتا آهن،ترجمان موجب پرڏيهه مان ڪراچي پهچندڙ 17 مسافرن جا ريپڊ اينٽيجن ٽيسٽ پازيٽو آيا آهن،ترجمان جو چوڻ هو ته هن وقت تائين جي اين ون جي 7 مثبت ڪيسن مان 2 ٻاهرين ملڪ آهن جڏهن ته 5 مقامي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو