مڪاني چونڊون،  پولنگ ختم، ڳڻپ جاري، نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا

مڪاني چونڊون، پولنگ ختم، ڳڻپ جاري، نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت 16 ضلعن ۾ پولنگ جو وقت پورو ٿي ويو آهي، ڪراچي جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنز اندر ووٽر موجود آهين ۽ ڪيترين ئي پولنگز تي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي. دادو جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ اڄ ووٽنگ ٿي. صبح 8 وڳي کان شروع ٿيل پولنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب پولنگ جو وقت نه وڌايو ويندو پر جنهن پولنگ اندر 5 وڳي تائين ماڻهو آيل آهن انهن کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت هوندي.  اڄ هڪ ڪروڙ 32 لک 83 هزار 696 ماڻهو ووٽ جو حق استعمال ڪرڻو هو پر ووٽنگ جي شرح گهٽ رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي مرحلي ۾ سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ 8706 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته مردن لاءِ 1204 ۽ عورتن لاءِ 1170 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.صوبائي وزير محنت ۽ افرادي قوت سنڌ ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني يوسي 8 چنيسر ٽائون ۾ عام ووٽر وانگر پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان به ايليمينٽري گورنمينٽ گرلز اسڪول جي پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو. حافظ نعيم يوسي 8 نارٿ ناظم آباد ٽائون تان چيئرمين جو اميدوار آهي. حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي. حيدرآباد ۾ 2551، دادو ۾ 1436، ڄامشورو ۾ 839، ٽنڊوالهيار ۾ 781، مٽياري ۾ 715 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 452 اميدوار مختلف سيٽن تي چونڊ وڙهي رهيا آهن. ڪراچي جي 7 ضلعن جي 25 ٽائونن جي 246 يونين ڪائونسلن جي 984 وارڊن ۾ ووٽنگ جو عمل جاري آهي. هر يونين ڪائونسل ۾ 4 وارڊ آهن، ووٽر کي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کان علاوه وارڊ جي جنرل ڪائونسلر جي چونڊ ڪرڻي آهي، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جو هڪ ووٽ هوندو، ٻيو ووٽ جنرل ڪائونسلر جو هوندو، هر يونين ڪائونسل 11 ميمبرن تي مشتمل آهي، هر يونين ڪائونسل ۾ 6 ميمبر سڌو سنئون چونڊيا ويندا. ڪراچي ڊويزن ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ميمبر جي سيٽن لاءِ 9 هزار 58 اميدوار ميدان ۾ آهن. ڪراچي مان مختلف يونين ڪميٽين جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ميمبرن جي پينل تي 7 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي ويا آهن. ڪراچي ڊويزن جي جنرل ميمبرن ۽ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 22 سيٽن تي اميدوارن جي فوت ٿيڻ سبب چونڊون اڄ (15 جنوري) نه ٿينديون. فوت ٿيل اميدوارن ۾ مختلف يونين ڪميٽين جا 9 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ 13 جنرل ميمبرن جا اميدوار شامل آهن. اليڪشن ڪمشنر سنڌ جو چوڻ آهي ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي 8 کان 10 پوليس اهلڪار مقرر ٿيل آهن.
ڪراچي سينٽرل ضلع: مرڪزي ضلعي جي 5 ٽائونن ۾ 45 يونين ڪميٽيون آهن، رجسٽرڊ ووٽرن جو ڪل تعداد 20 لک 76 هزار 73 آهي. سينٽرل ضلعي جي 1263 پولنگ اسٽيشنن مان 360 کي انتهائي حساس ۽ 903 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
ڪرچي اوڀر ضلع: ضلعي اوڀر جي 5 ٽائونن ۾ 43 يونين ڪميٽيون آهن، رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 14 لک 54 هزار 59 آهي. اوڀر ضلعي جي 799 پولنگ اسٽيشنن مان 200 کي انتهائي حساس ۽ 599 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
ڪورنگي ضلع: ڪورنگي ضلعي جي 4 ٽائونن ۾ 37 يوسيز آهن، ضلعي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 14 لک 15 هزار 91 آهي. ڪورنگي جي 765 پولنگ اسٽيشنن مان 318 کي انتهائي حساس ۽ 447 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
ڪراچي اولهه ضلع : اولهه ضلعي جي 3 ٽائونن ۾ 33 يو سيز آهن، ضلعي ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 9 لک 9 هزار 187 آهي. اولهه ضلعي جي 639 پولنگ اسٽيشنن مان 111 کي انتهائي حساس ۽ 528 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
ڪياماڙي ضلع: ڪياماڙي ضلعي جي 3 ٽائونن ۾ 32 يوسيز آهن، رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 8 لک 44 هزار 851 آهي. ڪياماڙي جي 547 پولنگ اسٽيشنن مان 164 کي انتهائي حساس ۽ 383 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
ضلع ملير: ملير ضلعي جي 3 ٽائونن ۾ 30 يوسيز آهن، رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 7 لک 43 هزار 205 آهي. ملير جي 497 پولنگ اسٽيشنن مان 119 کي انتهائي حساس ۽ 378 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
ڏکڻ ضلع: ڏکڻ ضلعي جي 2 ٽائونن ۾ 26 يوسيز آهن، ڏکڻ ضلعي جي رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 9 لک 95 هزار 54 آهي. 480 پولنگ اسٽيشنن مان 224 کي انتهائي حساس ۽ 256 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو