ڪاڇي ۾ وري برسات، عارضي بحال ڪيل رستا بند

ڊرگهه بالا( رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ ) ڪاڇي ۾ تازي پيل برسات وري تباهي مچائي ڇڏي، جواهي سان بحال ڪيل عارضي رستا وري بند 50 ڳوٺڻ جا رابطا ڪٽجي ويا. گاج ۾ وهي ايندڙ پاڻي جوهي, وايا حاجي خان ۽ ڊرگهه بالا روڊ لاءِ خطرو بڻجي ويو جوهي کان ڊرگهه بالا شهر تائين ٽُٽل روڊ کي عارضي بنيادن تي ٽرانسپورٽ لاءِ بحال ڪيو ويو جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر کيرٿر جبلن مان وهي آيل نئين گاج جي وهڪرن سبب ٻيهر ٽُٽي پيو ڊرگهه بالا شهر سميت پنجاھ کان وڌيڪ ڳوٺن جو رابطو جوهي دادو کان ڪٽجي ويو.

Photo Sindhyar

ٽي هفتا پهرين ڪاڇي ۾ آيل مها ٻوڏ کانپوء کيرٿر جبلن تي پوندڙ تيز برساتن کانپوءِ نئين گاج 10 ڦُٽن تائين وري وهي اچڻ سان ڊرگهه بالا شهر ڀرسان ڳوٺ راڄو ڳنڍو وٽ نئين گاج وهڪرن وٽ عارضي طور ٽرانسپورٽ لاءِ بحال ڪيل رستو ٻيهر ٽُٽي پيو جوهي دادو ويندڙ سوين مسافر ۽ گاڏيون ڦاسي پيون رابطا ٻيهر ڪٽجي ويا وڏي تعداد ۾ ماڻھون نٽھڻ اس ۾ پاڻي ڪراس ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف تڙپڻ لڳا عورتون ۽ معصوم ٻارڙا بيحال, جڏھن ته پاڻي ۾ واڌ سبب حاجي خان شهر کان جوهي ويندڙ روڊ تي پاڻي جو زور علائقي واسين پاران روڊ کي بچائڻ جون ڪوششون انتظاميه مدد لاء اڳتي نه آئي.

Photo Sindhyar

وڌيڪ برسات ۽ پاڻي ۾ واڌ سبب روڊ ٽُٽڻ جا پڪا امڪان روڊ تي خرچ ٿيل لکين رپيا لڙھي وڃڻ جو خطرو برقرار موسميات کاتي پاران هلندڙ هفتي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿين سان علائقي واسي وري پريشانين ۾ وٺجي ويا آهن, هلندڙ مهيني جي پهرئين هفتي آيل ٻوڏ سبب ڪاڇي جا هزارين ماڻھون پڻ متاثر ٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو