ڪاڇي ۾ تعليم جو ڏيوالو نڪتل، ٻارڙن جو مستقبل تباهه

ڊرگھ بالا (محمد اسماعيل لانگاھ) قصبو، پٽ گل، ڇني، ٽنڊو رحيم خان، ساوڙو، واهي پانڌي، ڊرگهه بالا سميت ڪاڇي  جي مختلف ڳوٺن ٽٻائي لنڊ، جعفرخان لنڊ، گزياڻي لنڊ، سونو جمالي، واھي برادي، بھاول ٻٻر گرلس پرائمري اسڪول ڊرگھ بالا، گرلس پرائمري اسڪول ھئيرو خان، مڊل گرلس اسڪول حاجي خان، گرلس اسڪول جلب ديرو سميت ڪاڇي جي شهرن ۽  ٻهراڙي وارن ڳوٺن  جا ڪيترائي پرائمري بوائز توڙي گرلس اسڪول بند ۽ سهولتن کان محروم ڄاڻائي سنڌ سرڪار پاران بند ڪري ڇڏيا. تعليم کاتي جي بي ڌياني ۽ بائيو ميٽرڪ سسٽم تعليم  جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. 

ورهين کان عمارتن جي مرمت نه ٿيڻ  ۽ ايس ايم سي  فنڊن ۾ ڪرپشن سبب درسگاهون  کنڊر بڻجي ويون آهن. جڏهن ته فنڪشنل اسڪولن ۾  تعليم کاتي تعليم جو نظام بحال ڪرڻ جون ڪي به ڪوششون نه ورتيون ويون اسڪولن ۾  مقرر  استاد ۽ ماسترياڻيون ۽ ٻيو عملو گھر ويٺي پگھارون کڻڻ  لڳو آهي. جڏھن  ته اسڪولن لاءِ آيل ايس ايم سي فنڊ ۽ نياڻين لاءِ ساليانو وظيفي واري ڪروڙن جي رقم ھڙپ ڪئي پئي وڃي. ڪاڇي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن عطاالله کچي، علي احمد  لنڊ، ايم اعظم لنڊ، ڪامريڊ جيت فقير کچي، ڪامريڊ شاھنواز لن، بختيار لنڊ ۽ ٻين  چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاھ ۽ صوبائي وزير تعليم سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڪاڇي ۾ بند پيل اسڪول ۾ تعليم جو نظام بحال ڪرائي عمارتن جي نئين سر مرمت ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو