ڪاٽن فيڪٽري کي باهه، هزارين مڻ ڦٽيون سڙي ويون

هنڱورجا (افتخار چنو) ھنڱورجا ۾ اسلام ڪاٽن فيڪٽري کي باهه لڳي وئي، فيڪٽري جي اندر رکيل ھزارين مڻ ڦٽيون سڙي ويون، فيڪٽري انتظاميه پاران فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڪيو ويو، اطلاع باوجود باھ کي وسائڻ جي لاءِ فائربرگيڊ عملو نه پهتو، فيڪٽري جا ملازم ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ کي وسائڻ ۾ مصروف ، ملازمن موجب باهه تيز آهي، جلدي ان تي ڪنٽرول نٿو ٿي سگهي،فيڪٽري جي مئنيجر مقصود احمد ٻڌايو ته اوچتو باھ لڳي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڦٽين کي وڪوڙي وئي، فائر برگيڊ جو عملو ناهي پهتو، لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي. تدارڪ ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو