ڪالهه امپائر نو بال ڏنو، پ پ سان ڪنهن به صورت ۾ اتحاد نه ڪنداسين

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پيپلز پارٽي سان اتحاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،اڊيالا جيل ۾ عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته مون کي لنڊن پلان تحت جيل ۾ وڌو ويو، پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،هن چيو ته نواز شريف هميشه امپائرن سان گڏ کيڏندو آهي، ڪالهه هڪ امپائر نو بال ڏنو، مان اڳڪٿي ڪري رهيو آهيان ته انهن سان تمام گهڻو خراب ٿيڻ وارو آهي، صحافي سوال ڪيو ته ڇا پيپلز پارٽي سان چونڊ اتحاد ممڪن آهي؟ ان تي عمران خان چيو ته هو پيپلز پارٽي سان ڪنهن به صورت ۾ اتحاد نه ڪندو، هنن جو چيوآهي ته نواز شريف جا ڪيس بند ڪيا ويا، نواز شريف، آصف زرداري، مريم نواز توشه خاني مان بلٽ پروف گاڏيون کڻي ويا، کين ڪير به پڇڻ وارو ناهي،پي ٽي آءِ باني چيو ته سائفر جي اوپن ٽرائل جو ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي حقيقتن جي خبر پوي، مون سوال ڪيو ته سائفر کي ڳجهو ڇو نه رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو