ڪار فُٽ پاٿ تي چڙهي وئي، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪار فوٽ پاٿ تي چڙهي وئي، 2 ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ناگن پل وٽ تيز رفتار ڪار فٽ پاٿ تي سُتل گهر ڀاتين مٿان چڙهي وئي، ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا،پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 8 ورهين جو اشوڪ، سندس ڀاءُ بليرام ۽ شيري فوت ٿي ويا، لالي ۽ سيتا رام باگڙي زخمي ٿي پيا،پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪار جو ڊرائيور شراب جي نشي ۾ هو، واقعي کانپوءِ ٻه ڄڻا ڪار ڇڏي فرارٿي ويا،ٽنهي ڄڻن جا لاش اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ پير عامر غوث پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو،وارثن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 3 ڀاتي فوت ويا آهن، ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، غريب آهيون، انصاف ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو