ڪارگو جهاز سمنڊ ۾ ڦاسي پيو، ريسڪيو جي ڪوشش جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ويو ڀرسان ڪنٽينرن سان ڀريل سامونڊي ڪارگو جهاز سمنڊ ۾ ڦاسي پيوآهي. جهاز هينگ ٽونگ 77 سمنڊ ڪناري کان هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڦاٿل آھي. ڪي پي ٽي ۽ نيوي جون ريسڪيو ٽيمون روانيون ٿي ويون، اختيارين جو چوڻ آهي ته جهاز جي انجڻ خراب ٿي وئي هئي، جنهن بعد سامونڊي لهرن جي ڪري ڌڪجي ڪناري تي اچي ويوآهي.

پهنجو تبصرو موڪليو