ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم جو احتجاج

ٺل(عبدالنبي شيخ) جسقم پاران ڪنڌ ڪوٽ شهر مان بيگناھ قومي ڪارڪنن صدام حسين نصيراڻي، جسقم جساف اڳواڻ محسن سهرياڻي، رفيق احمد ميراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ماما شمن سومرو، وسيم قريشي، عزيزالله سرڪي، گلمير ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته ڪنڌ ڪوٽ مان کنڀي گم ڪيل بيگناھ قومي ڪارڪنن کي فوري طور تي بازياب ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان احتجاج دائرو وڌائي سنڌ ليول تي سڏ ڏينداسون.

پهنجو تبصرو موڪليو