ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ قومي ڪارڪنن  مٿان ڪوڙا ڪيس ختم  ڪري آزاد ڪرڻ ۽  بحريا ٽائون  انتظاميه خلاف  جسقم آرگنائيزنگ ڪاميٽي ضلع  دادو پاران شاهه جھان پارڪ کان   پريس ڪلب دادو  تائين احتجاجي  مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي مظاھرين  منصور جمالي , اياز جمالي, نظام انڙ , غازي سنڌي , اويس ڀرڳڙي, حسين ڀنڊ , سيد نور شاهه , ۽ ٻين ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته عدالتي جي حڪم موجب بحريا ٽائون انتظاميه خلاف سنڌي قوم جي ڳوٺن تي قبضو ڪرڻ ۽ انهن مٿان تشدد ڪري بي گھر ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪري سنڌي قوم جي مالڪي ڪندڙ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت سڀنن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ سنڌي ڳوٺن کي مسمار ڪندڙ ملڪ رياض ۽ ٻين کي فورن گرفتار ڪيو وڃي جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران ڌارين جي مالڪي ڪرڻ شرم ناڪ عمل آهي اسين عدالت سڳوري کان مطالبو ڪنداسين ته سڀنن سنڌ دشمنن عناصرن خلاف قانوني قدم کڻي سنڌي ماڻهن سان ظلم بند ڪرايو وڃي نه ته پوري سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو