ڪاروڪاري جي ٻٽي قتل جي جوابدار کي موت جي سزا

ميرپور(ن س) گهوٽڪي ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر ميرپور ماٿيلو ۾ تعينات ايڊيشنل سيشن جج ٽو، مسٽر سميع الله قريشي ڪارو ڪاري جي ٻٽي قتل جي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي آهي. گذريل سال ميرپور ٿاڻي تي داخل ڪيس موجب جوابدار جوڳي ولد سائين ڏنو سولنگي پنهنجي ٽئين نمبر پٽ محمد حنيف جي زال ياسينا سولنگي کي پنهنجي ٻن وڏن پٽن جي مدد سان قتل ڪيو هو. سندس ٻئي وڏا پٽ روپوش آهن. ڪيس موجب جوابدارن اڳ ۾ مير محمد گڏاڻي کي ڪارو ڪري قتل ڪيو هو. عدالت گرفتار جوابدار جوڳي کي موت جي سزا ٻڌائيندي فيصلي ۾ لکيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر مان ڪنفرميشن بعد کيس ڦاهي ڏني وڃي. جوابدار تي 2 لک روپيا ڏنڊ به وڌو ويو آهي جيڪو عدم ادائگي تي 6 مهينا سخت پورهئي سان ٽيپ ڀوڳڻي پوندي. عدالتي حڪم موجب جوابدارمقتولن جي وارثن کي پنج پنج لک روپيا ڏنڊ به ادا ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو