ڪراچي (نمائندن وٽان)سنڌ جي زمينن تي قبضن، ڪارونجهر جي ڪٽائي، ڪوهستان جي ڳوٺن تي قبضن، ڪاري جبل جي ڪٽائي، کير ٿر نيشنل پارڪ جي 20 ھزار ايڪڙ زمين تي قبضي، وڌندڙ مهانگائي، پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ بدامني خلاف عوامي تحريڪ ميرپور ساڪرو طرفان ڪامريڊ بلاول لاشاري، ڌڻي بخش لاشاري، ادريس پليجو غلام حيدر لاشاري عبدالغني عباسي رشيد ھديو مولچند ڪولهي سجاڳ ٻار تحريڪ جي طارق لاشاري فاضل بلاول لاشاري اياز لطيف لوھار مجطبي لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ فوري طور تي ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪئي وڃي. ڪوھستان جي مقامي ڳوٺن کي رجسٽرڊ ڪري مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪئي پئي وڃي جڏهن تہ سنڌو درياءَ ۾ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال آھي ان باوجود آبادگان کي پاڻي نٿو ملي. اڳواڻن مطالبو ڪندي گهر ڪئي تہ سنڌ جي سونهن ڪارونجهر، کير ٿر نيشنل پارڪ کي قومي ورثو قرار ڏنو وڃي ڪاري جبل جي ڪٽائي روڪي وڃي ۽ ساحلي پٽي جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. سنڌ جي زمينن تي والار، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ، ڌاري آبادڪاري، وفاقي اسيمبلي ۾ آندل غيرآئيني بلن، ڪارونجهر جي ڪٽائي، تيل ۽ گئس جي ڪمپنين طرفان مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ رايلٽي نہ ڏيڻ، ڪوهستان جي زمينن کي جعلسازي ذريعي وڪرو ڪرڻ، بدامني، ڌاڙيل گردي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ طرفان ون فائيو کان شاھپور چاڪر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري عبدالستار رند، عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر ڊاڪٽر راڻو خان ڪنڍاڻي، سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ علي نواز ڏاهري، استاد عالم لغاري، سومريو ڀيل، فتح محمد ڏاهري، ۽ ٻين ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ ڊجيٽل آدمشماري ۾ وانا، وزيرستان ۽ افغانستان جي ماڻهن کي به سنڌ جو شهري ڳڻيو ويو آهي. ڊجيٽل آدمشماري ملڪ ٽوڙڻ جي سازش جو حصو آهي. هن آدمشماري ذريعي ملڪ دشمن قوتن ملڪي سالميت تي حملو ڪيو آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو تہ ڪچي، ڪاڇي، ڪوهستان، ٿر، بر سميت سموري سنڌ قبضاگيرن جي حملي هيٺ آهي. روينيو کاتي کي جعلسازي ذريعي زمينون قبضاگيرن حوالي ڪرڻ جو حڪم مليل آهي. سالن کان آباد ڳوٺن جا رڪارڊ جعلسازي ڪري روينيو وارا اهي ڳوٺ پرڏيهي قبضاگيرن جي حوالي ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته تيل ۽ گئس ڪڍندڙ ڪمپنيون نه مقامي ماڻهن کي روزگار ڏين ٿيون ۽ نه ئي وري رايلٽي. پي ڊي ايم جي حُڪومت پارليامينٽ کي عوام دشمن بلن جي فيڪٽري بڻائي ڇڏيو آهي. بل پارليامينٽ جي ٻاهران طئي ٿي اچن ٿا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪارونجهر، کير ٿر ۽ گنجي ٽڪر سميت سمورا ثقافتي ۽ سياحتي ماڳ وڪڻي سنڌي قوم کي ميسارڻ چاهي ٿي.
