ڪارنهن تڪرار تان ڳوٺاڻو قتل، جوابدار فرار

جروار/ ميرپور ماٿيلو(ن س) يارولنڊ ٿاڻي جي حد مان هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قتل، پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڳوٺ گل محمد پتافي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 35 ورهين جي عبدالغني پتافي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. جڏهن ته پوليس موقعي تي پهچي لاش اسپتال منتقل ڪرايو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ ڪارنهن جو پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو