ڪارنهن تان شروع ٿيل جهيڙي جو جرڳو، ڌريون کير کنڊ

ڪارنهن تان شروع ٿيل جهيڙي جو جرڳو، ڌريون کير کنڊ

قاضي احمد(ن سنڌيار) 17 مھينا اڳ قاضي احمد لڳ پٻجو پوليس ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ علي نواز چانڊيو ۾ ڪارنھن جي مبينا الزام ھيٺ فائرنگ ڪري سڌيون گوليون ھڻي  قتل ڪيل ٻن سڳين ڀينرن  صائمه چانڊيو ۽ ماريا چانڊيو جي واقعي بعد چانڊيا برادري وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو. خوني جهيڙي جي نبيري لاءِ پ پ ايم پي اي  سردار خان محمد ڏاهري ۽ پير غلام مجتبيٰ جي سرپئنچي هيٺ جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ ٿيل جرڳي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ جو چيئرمين غلام قادر چانڊيو، حاجي علي نواز چانڊيو، درياءُ خان زرداري، غلام حسين چانڊيو امين طور شريڪ ٿيا.  جرڳي دوران ٽن خونن جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر جي دلي جان  چانڊيو سميت ٻين جوابدارن مٿان مجموعي طور 55 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو . ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ قتل ٿيل ٻن سڳين ڀينر جي قتل جو ڏنڊ 30 لک روپيا جڏھن ته قتل ڪيس ۾  مشير طور ڄاڻايل مبين چانڊيو جي مائٽ جي قتل جي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 20 لک  ۽ ڪار مٿان گوليون هڻڻ جا 05 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو