ڪارنهن الزام ۾ مڙس ڳورهاري زال قل ڪري فرار

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر)ڪارنهن الزام هيٺ  مڙس ڳورهاري زال کي قتل ڪري فرار ٿي ويو. ڳوٺ ڏيول قمبراڻي ۾ مڙس دادو عيساڻي پنهنجي ڳورهاري زال 22 سالا رحمل خاتون کي پنهنجي برادري جي نوجوان سان ڪارنهن الزام هيٺ پاڻيءَ ۾ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان فرار ٿي ويو اطلاع باوجود دلاور معرفاڻي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي مقتولا جو لاش وارث عورتن کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرياڻي ۽ ڪوبه عملو نه هجڻ ڪري مقتولا جو لاش شڪارپور اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارث ڳوٺ کڻائي ويا جڏهن ته جوابدار گهر واري کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آخري اطلائن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو