ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ٽن شهرن ۾ اڱاري تي ڌار ڌار پيش آيل ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم هيٺ 3 عورتن ۽ هڪ مرد کي قتل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ لُنڊي ميراڻي ۾ ڏيرن ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو، گلشن حديد ڪراچي ۾ مڙس زال جو خون ڪيو ۽ خانپور ۾ منظور عطراڻي پنهنجي مائٽ کي فون ڪري گهر گهرائي زال منظوران سان ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ڪري فرار ٿي ويو. ***خانپور مان زبيرگل موجب رستم ٿاڻي جي حد چيمن سکپور لڳ ڪارنهن الزام هيٺ نظام عطراڻي جتوئي پنهنجي زال منظوران کي پنهنجي ئي برادري جي غلام حسين عطراڻي جتوئي سان ڪارنهن جو الزام مڙهي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو. اڱاري تي فجر مهل پوليس سندن ڳوٺ پهچي ٻنهي جا لاش پوسٽ مارٽم لاء خانپور اسپتال آندا جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن هوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي دلدار جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته منهنجي مامي غلام حسين کي نظام عطراڻي فون ڪري گهر گهرائي پنهنجي زال سان ڪارنهن جو ڪوڙي الزام هيٺ قتل ڪيو آهي. رستم پوليس جو چوڻ آهي ته اسين جاڇ ڪريون پيا ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. *** غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب بيگاري لاڙو ڀرسان ڳوٺ لُنڊي ميراڻي ۾ جوابدار گل حسن ميراڻي ۽ شير خان ميراڻي اسر ويلي گھر ۾ ستل پنھنجي ويھن ورھين جي ڀاڄائي مسمات گڏي ميراڻي کي ڪارنھن الزام ڏئي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آھن.

مقتوله ناري جي والد سيٺار ميراڻي ۽ مقتولا جي مڙس عيدن عرف پپو ميراڻي ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته مقتولا تي ناحق الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي هوءَ ڪاري ناهي. متاثر ڳوٺاڻن اعلي اختيارن توڙي ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ کان مطالبو ڪيو تھ بنا ڪنھن دير جي جوبدار گل حسن ۽ سندس ساٿي شير خان ميراڻي کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. پوليس مقتولا جي لاش کي خانپور جي سرڪاري اسپتال کڻائي ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. *** ملير مان شهزادو مستوئي موجب گلشن حديد لڳ لاڏائو ماڻهن جي ڪچي جهڳين ۾ مڙس محمد حسن ملاح پنهنجي 40 ورهين جي زال عائشه ملاح کي ڪارنهن جو الزام هڻي ڳلو دٻائي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار کي گرفتارڪري عورت جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ جناح اسپتال اماڻيو.

ان سلسلي جوابدار محمد حسن ملاح جو چوڻ هو ته هو سجاول ضلعي جي بٺوري شهر جا رهائشي آهن جيڪي بک بدحالي سبب لڏي اچي ڪچين جهڳين ۾ رهي پني پيٽ پالي رهيا هئا هن پنهنجي وني تي الزم هنيو ته هو بنگلي جي چوڪيدار سان ڪاري هئي جنهن تان اڪثر گهر ۾ جهيڙو ٿيندو هو پر هن ڀيري منهنجي سهپ جواب ڏيئي ويئي ۽ مون هن جو ڳلو دٻائي قتل ڪري ڇڏيو.