ڪارنهن الزام هيٺ زال کي ڪهندڙ مڙس گرفتار، غيرت ۾ قتل ڪيو پڇتاءُ ناهي

عادلپور (رپوٽ مدد علي شاھ) عادلپور پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي صالح مهر لڳ ماڇين جي ڳوٺ مان ڪارنهن جي شڪ تي زال ماريندڙ ثناء الله ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ملزم ثناءالله ماڇي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته هن پنھنجي زال رشيده ماڇي کي اسلم ماڇي سان ڪارو ڪري ماريو آھي جنھن جو کيس ڪو به پڇتاء ناھي. عادلپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او مجيد آرائين ميڊيا سان ڳالھائيندي  ٻڌايو تہ جوابدار ٽي ڏينھن اڳ   پنهنجي زال رشيده کي قتل  ڪري فرار ٿي ويو هو. هن پنهنجي زال جو ڳلو ڪپي ٽيوب ويل جي کڏ ۾ کيس پوري ڇڏيو هو ۽ پوليس کوٽائي ڪري لاش ڪڍي پوسٽ ماٽم ڪرايو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو