ڪارتڪ آريان ڪروڙين روپين جو اپارٽمينٽ خريد ڪري ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي اڀرندڙ اسٽار اداڪار ڪارٿڪ آريان ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ قدم رکيو آهي، تازو ئي ڪروڙين روپين جو اپارٽمينٽ خريد ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪارٿڪ آريان ممبئي ۾ 17.5 ڪروڙ رپين جو اپارٽمينٽ خريد ڪيو آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته اهو ممڪن آهي ته ممبئي جي پوش علائقي جوهو ۾ پريزيڊنسي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جي سدي ونائڪ عمارت ۾ هجي.ان کان اڳ هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ڪارٿڪ شاهد ڪپور جو گهر ڪرائي تي ڏنو آهي ۽ 7.5 لک رپيا ماهوار کرايه ادا ڪري رهيو آهي.ميڊيا رپورٽن ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪارٿڪ جو پنهنجو گهر آهي جنهن عمارت جي اٺين ماڙ تي آهي، جڏهن ته نئون اپارٽمينٽ عمارت جي ٻئي منزل تي آهي.هڪ رپورٽ موجب ڪارٿڪ جي نئين ممبئي واري اپارٽمنٽ جي ايراضي 1916 اسڪوائر فوٽ آهي. ڊيل جي ٽرانسفر ڊيڊ ۾ 1 ڪروڙ 5 لک روپيا اسٽيمپ ڊيوٽي ظاهر ڪئي وئي جڏهن ته ملڪيت جا ڪاغذ 30 جون تي رجسٽرڊ ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو