ڪابينا پاران آبپاشي کاتي جي زمين قائم اڏاوتن ڊاهڻ جي مخالفت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رڳو اهڙيون اڏاوتون ڊاٺيون وڃن، جيڪي پاڻي جي وهڪري آڏو رنڊڪ بڻجن ٿيون، سنڌ ڪابينا آبپاشي کاتي جي زمينن تي قائم اڏاوتون ڊاهڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمينن تي قبضن واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران اَي جي سنڌ طرفان اڳڀرائي رپورٽ بابت آگاهي، اي جي سنڌ چيو آهي ته ڪئنالن تي 15 کان 20 فُٽن تائين حددخليون ختم ڪيون ويون آهن، ڪيس تي ڪراچي ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي ۽ سکر هاءِ ڪورٽ مان به آرڊرز پاس ڪيا پيا وڃن، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته توهان متاثرن کي متبادل ڏيڻ لاءِ پلان تي به ڪم ڪريو، عدالت حڪومت کي مهلت ڏئي ٿي، ماڻهن کي پريشان نه ڪريو، عدالت اڏاوتن هٽائڻ جي ٽئين مرحلي تي ڪم لاءِ 31 مئي تائين مهلت ڏئي ڇڏي.

.

پهنجو تبصرو موڪليو