ڪابينا، اڳوڻن حڪمرانن کا ذاتي خرچ ڀرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جي حڪومتي دورن ۾ سرڪاري خزاني مان ذاتي صحت ۽ پنهنجي گهرن تي ڪيمپ آفيس جي نالي ڪيل خرچ نوازشريف، آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف کان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ اڳوڻن ملڪ جي سربراهن جي ڪيمپ آفيسن، سيڪيورٽي ۽ ٻاهرين دورن تي سرڪاري خرچن جا تفصيل پيش ڪيا ويا، دستاويزن موجب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڪيمپ آفيس ۽ ميڊيڪل خرچن جي مد ۾ 4تقريبن سادا پنج ارب، زرداي 3 ارب ۽ شهباز شريف پوڻا 9 ارب روپيا خرچ ڪيا. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي حڪومتي دور ۾ 35 ڪروڙ، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني 24 ڪروڙ، راجا پرويز اشرف بطور وزيراعظم 32 ڪروڙ، اڳوڻي صدر ممنون حسين 30 ڪروڙ رپيا سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيا. ڪابينا اجلاس کانپوءِ پريس بريفنگ جي دوران وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته عمران خان بني گالا گهر جو خرچ پاڻ کڻندو آهي. عمران خان جي گهر جي روڊ جي تعمير به ان جي پئسن مان ٿي. وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي ڪا به ڪئمپ آفيس ناهي. جڏهن ته ڪنهن به وزير جو به ڪو ڪيمپ آفيس ناهي. مراد سعيد چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي ڊيٽا موجب سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪيل رپورٽ موجب ٿر ۾ هر سال 500 ٻار بُک وگهي مرندا آهن. وفاقي وزير چيو ته 2017ع ۾ سيڪيورٽي جي نالي تي آصف زرداري وٽ 164 گاڏيون هيون. يوسف رضا گيلاني جا لاهور ۾ 3 جڏهن ته ملتان ۾ 2 ڪيمپ آفيس هئا. شهباز شريف وٽ 5 ڪيمپ آفيس هئا. نواز شريف جو 2015ع ۾ آمريڪي دوري تي خرچ 4 لک ڊالر کان وڌيڪ هو. عمران خان قطر وڃي ٿو ته پاڪستان جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ اُهي قطر صرف قطري خط وٺڻ وڃن ٿا. شهباز شريف 556 ڀيرا نواز شريف جو جهاز استعمال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو