ڪابل هوائي اڏي تي ٿيل حملي ۾ مرندڙن جو انگ 170 ٿي ويو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) هوائي اڏي تي ڪيل هڪ ٻئي پويان ٻن خود ڪش حملن ۾ مرندڙن جو انگ 170 ٿي ويو آهي. اميرڪا پنهنجي شهرين کي ڪابل هوائي اڏي کان پري رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ حملن جو خطرو آهي. ڪابل مان ٻن هفتن ۾ هڪ لک ماڻهو ايئرلفت ٿي چڪا آهن ۽ ٻين کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن تيز ڪيو ويو آهي. مغربي سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم آهن ۽ اميد آهي ته اميرڪا ۽ مغربي ملڪن جا ماڻهو ڪابل ڇڏي ويندا. هوڏانهن طالبن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪابل هوائي اڏي جي ڪجهه حصي تي سندن ڪنٽرول آهي پر اميرڪا جو چوڻ آهي ته هوائي اڏو سندن ڪنٽرول ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو