ڪابل هوائي اڏي تي حملي جو خدشو، شهري پري رهن، الرٽ جاري

ڪابل(ويب ڊيسڪ) آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا، ڪ؟ناڊا ۽ ٻين اهم ملڪن پنهنجي شهرين کي ايئرپورٽ کان پري رهڻ جي هدايت ڪندي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هوائي اڏي تي حملي جو خطرو آهي. ياد رهي ته افغانستان مان نڪرڻ بابت اميرڪا 31 آگسٽ جي ڊيڊ لائڻ مقرر ڪئي آهي، برطانيا ڊيڊ لائن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو جيڪو صدر ج بائيڊن قبول نه ڪيو. اربع تي اميرڪا جو هڪ فوجي جٿو واپس روانو ٿي ويو جنهن بعد ترڪي به پنهنجي فوج جيڪا ڪابل هوائي اڏي تي تعينات ڪئي هئي اها واپس گرائڻ شروع ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پينٽاگون ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو هو ته 10 هزار کان مٿي ماڻهو هوائي اڏي تي موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو