اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيد رشيد چيو آھي تھ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جِي ڪوشش ناڪام ٿي، افغانستان ۾ امن جو قيام ڪابل جيان پاڪستان لاءِ به اهم آهي، پاڪستان جي ڪوششن سان طالبان ڳالهين لاءِ راضي ٿيا، عمران خان ازبڪستان ۾ اشرف غني کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُن جي ذهن ۾ فتور هو. شيخ رڊيد چيو ته ڪرپٽ ماڻهو لُٽيل دولت کڻي ملڪ مان ڀڄي ويندو آهي ۽ اهوئي اشرف غني ڪيو. هن چيو ته د پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ افغانستان مان ڪوبه پناهگير پاڪستان نه پيو اچي، پاڪستان جون سرحدون 100 سيڪڙو محفوظ آهن، افغانستان ۾ نه مداخلت ڪنداسين نه پنهنجي سر زمين استعمال ٿيڻ ڏينداسين، هن ٻڌايو ته 900 جي ويجهو پرڏيهي سفارتڪارن کي ريسڪيو ڪري پاڪستان آندو آهي، سمورن ڊپلوميٽس، ميڊيا ۽ ٻين ادارن جي عملي کي ٽرانزٽ ويزا جاري ڪبا، 2 ڏينهن اندر سمورن پاڪستاني شهرين کي ڪابل مان ڏيهه واپس آڻينداسين










