ڪائونسل جي فنڊ جا پئسا عوام تي خرچ ڪيا آهن؛ چيئرمين

جاتي (محمد صديق ٻارڻ) يونين ڪائونسل گل محمد ٻارڻ جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين يونين ڪائونسل جي فنڊ مان يونين ڪائونسل جي سڀني ميمبرن ۽ وائيس چيئرمين کي 11ھزار رپيا لاڳت واريون 2 سلائي مشينون 2 سولر پليٽون 2 بيٽريون ۽ 2 سولر بلبن جا سيٽ ڏنا ويا. چيئرمين عبدالرحمن ٻارڻ، وائيس چيئرمين خميسو ملاح ۽ باقي ميمبرن محمدرمضان ٻارڻ، محمد موسيٰ جت، فيض محمد ڌانڌل، حامد چالڪو، جمن ڌانڌل، عبدالرحمٰن ٻارڻ ۽ ٻين اھي سيٽ تقسيم ڪيا.ان موقعي تي چيئرمين عبدالرحمن ٻارڻ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته يونين ڪائونسل جا جيڪي به فنڊ مليا اسان عوام تي خرچ ڪيا آهن آئيندھ به اسان کي جيڪي به فنڊ ملندا اسان ھتان جي عوام تي خرچ ڪنداسين. هن چيو ته اسان ھر دور ۾ عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندا رھنداسين يوسي جي عوام سان ھر وقت گڏ ھوندا آھيون مون يوسي گل محمد ٻارڻ جي عوام ۾ ڇھ سئو کان وڌيڪ پيئڻ جي پاڻي جا نلڪا، ھينڊ پمپ ورھايا آهن ۽ يوسي جي عوام جي سھولت لاءِ ڪچا رستا ۽ تلائن جي پڻ مرمت ڪرائي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو