ڪائره جي پٽ جي آلين اکين سان تدفين، جنازي ۾ هزارين شريڪ

لالا موسيٰ (م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪائره جي پُٽ ۽ سندس دوست جي گڏيل جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ڌار ڌار تدفين ڪئي وئي. نماز اسڪول گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ بلاول ڀٽو، آصف زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، چوڌري سرور، وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ ٻين سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي، جنازي نماز ۾ تحريڪ انصاف، مسلم ليگ (ن) ، مسلم ليگ (ق) ۽ پي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پنجاب جي علائقي لالا موسيٰ ۾ موٽر سائيڪل کي بچائڻ جي ڪوشش دوران قمرالزمان ڪائره جي پُٽ جي ڪار سان حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس 20 سالن جو نوجوان پُٽ اساما قمر ٿڏي تي فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته سندس 2 دوست زخمي ٿي پيا هئا، جن مان به هڪ زخمي حمزه بٽ بعد ۾ فوت ٿي ويو هو. پ پ اڳواڻ جي پُٽ ۽ سندس دوست جي گڏيل جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو