ڪئنالن تي قبضن خلاف آپريشن جاري، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

ڪئنالن تي قبضن خلاف آپريشن جاري، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

سکر (جيرام داس) ضلعي انتظاميه طرفان ڪئنالن تي قبضن خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري رهيو. ميونسپل، روينيو ۽ پوليس سان گڏ ڪئنالن تي آپريشن ڪيو پيو وڃي. عملدار ڪرين مشينن، بلڊوزر ۽ ٻين هيوي مشينري سان گڏ ڪئنالن تي پهچي ويا، وڏي نفري کي بڪتربند گاڏي سان گڏ پهچايو ويو آهي. انتظاميه جو چوڻ آهي ته پهرين ڏينهن 30 گهر مسمار ڪيا ويا آهن.

جڏهن ته آپريشن متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. واضح رهي ته عدالتي حڪم تي سکر انتظاميه ڪالهه ڪئنالن تي قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو هو جنهن دوران رهواسين ۽ انتظاميا ۾ چڪريون پڻ ٿيون هيون ۽ پوليس پاران لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي وئي هئي ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. انتظاميا پوليس نفري طلب ڪئي ته مڇريل ماڻهن عملي ۽ پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ ڪري ڏنو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو