کير جي اگهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڻمرادو واڌ جو اعلان

کير جي اگهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڻمرادو واڌ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊيري فارمرز پاران کير اگهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر پاڻمرادو واڌ جو اعلان ڪيو ويو تفصيل موجب ڊيري فارمرز ڪمشنر ڪراچي جي کير جو سرڪاري اگهه 180 رپيا ليٽر جي حوالي سان حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا ڪراچي ۾ کير 210 رپيا ليٽر وڪرو ڪيو پيو وڃي هاڻي ان ۾ وڌيڪ 20 رپيا ليٽر واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان حوالي سان ڊيري فارمرز جي اڳواڻ شاڪر عمر گجر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪمشنر ٻه ڀيرا کير جي اگهن لاءِ اجلاس طلب ڪيو پر خود غير حاضر رهيو ايڊيسنل ڪمشنر کي اسان چئي ڇڏيو هو ته اگهن ۾ فوري واڌ نه ڪئي وئي ته اسان پاڻ اعلان ڪنداسين هن چيو ته کير اگهن ۾ واڌ جو اعلان اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪيو هو پهرين جولاءِ کان ايڪس فارم ريٽ 600 رپيا في مڻ ۽ 16 رپيا في ليٽر اضافو ٿيندو شاڪر گجر مطابق کير جي نئين قيمت 6730 مان وڌي 7330 رپيا في مڻ ايڪس فارم ريٽ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو