کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ قومپرست ڌرين جو احتجاج

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ ديدار شام ڪنڌڪوٽ مان کنڀي گم ڪيل جساف اڳواڻ محسن سھرياڻي، رفيق ميراڻي، صدام نصيراڻي ۽ ٻين کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم ضلعي صدر حبيب الله گهوٽو، جساف اڳواڻ ڪامريڊ رشيد سنڌي، ڪامريڊ اڪرم ٿھيم، رئوف پارس دايو،  وھاب سھتو، اعظم ٿھيم، ڪامريڊ عبدالغفور چاچڙ، فيروز چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ھٿن ۾ پينافليڪس ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سان عشق ۽ پر امن سياسي جدوجھد ڪرڻ تي سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي رياستي ادارن پاران کنڀي گم ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل سراسر غلط آھي سنڌ جي قومي ڪارڪنن جي گھرن تي چڙھايون ڪري قومي ڪارڪنن کي حراسان ڪري تنگ ڪيو پيو وڃي.هنن وڌيڪ چيو ته ڇا اسان کي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي به اجازت ناھين؟ احتجاجين ڳالهائيندي چيو ته اسين دنيا جي اعليٰ ايوانن کان مطالبو ٿا ڪريون ته جسقم اڳواڻ ديدار شام، محسن سھرياڻي، صدام نصيراڻي، رفيق ميراڻي، عبدالفتاح چنا ۽ ٻين قومي ڪارڪنن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو