کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو

مٽياري (رياض چانڊيو ) سول سوسائٽي پاران 26 مهينا اڳ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل ذهين گولڊ ميڊلسٽ شاگرد گلشير ٽڳڙ جي بازيابي لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . مظاهري جي اڳواڻي گلشير ٽڳڙ جي ڀاء سڪندر ٽڳڙ . رسول بخش سولنگي . مصري لڙڪو . سائين حڪيم نوحپوٽو . رياض چانڊيو . جي ايم بابو خاصخيلي ۽ ضمير حسين خاصخيلي ڪري رهيا هئا مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ سول سوسائٽي جا نمائنده شريڪ هئا جن جي هٿن ۾ گلشير ٽڳڙ جي بازيابي جا نعره درج هئا ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 26 مهينا پهريان ڪراچي مان غير قانوني طور کنڀي گم ڪيل ذهين گولڊ ميڊلسٽ شاگرد گلشير ٽڳڙ کي فوري آزاد ڪيو وڃي هنن جو چوڻ هو ته گلشير جو ڪنهن به سياسي يا قومپرست جماعت سان تعلق نه هو، ٽي گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ  رياست جو دشمن ڪيئين ٿو ٿي سگهي. مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان ،آرمي چيف ۽ وفاقي حڪومت سان گڏ سنڌ حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته گلشير ٽڳڙ جي بازيابي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو