کنڀي گم ڪيل غلام محمد مري کي بازياب ڪرايو، مري اتحاد

نوشهروفيروز (ڊ ر) ٻيراڻي مان سول ڪپڙن ۾ ملبوس نامعلوم ماڻهو سنڌ مري اتحاد ڄام نواز علي تعلقي جي صدر غلام محمد مري کي کنڀي کڻي وڃڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ مري اتحاد جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خادم حسين مري پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن جيان سنڌ مري اتحاد جي تعلقي  صدر کي پنهنجي دڪان تان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن غلام محمد مري تي ڪو ڪيس وغيرهه آهي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي يا ضلعي جي ڪنهن ٿاڻي تي ان جي گرفتاري ڏيکاري وڃي پر هن مهل تائين ڪا به خبر نه پئي آهي ته ان کي ڪٿان جي پوليس کنڀي وئي آهي. هن چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل غلام محمد مري کي فوري طور ظاهر نه ڪيو ويو ته سنڌ مري اتحاد سراپا احتجاج بڻجي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو