کنڀيل اڳواڻ جي 4 ڀائرن سميت 7 ڪارڪن جبري طور گم

ملير (شهزادو مستوئي ) کنڀيل قومپرست اڳواڻ جي گهر تي چڙهائي سندس 4 ڀائرن سميت 7 ڪارڪن کنڀجي ويا. واسطيدر ٻن پوليس ٿاڻن ڇاپي يا گرفتاري جي معلومات کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي. ڪجهه ڏينهن اڳ قوم پرست اڳواڻن مسعود شاھ ۽ شوڪت مرکنڊ کي جبري طور گم ڪيو ويو هو. جنهن بعد گذريل رات ڀينس ڪالوني ۽ قومي شاهراھ لڳ  يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۾ اڻ ڄاتل اهلڪارن چڙهائي ڪري گهرن ۾ ستل مسعود شاھ جي چئن ڀائرن سيد آفتاب شاھ، سيد جنيد شاھ، سيد منظور شاھ ۽ سيد غفار شاھ سميت عبدالغني مستوئي ،سهيل حمايتي ۽ انيل حمايتي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

کنڀيل اڳوان آفتاب شاهه جا گم ڪيل 4 ڀائر

ان سلسلي ۾ ملير جي ٿاڻن شاھ لطيف ۽ سڪڻ تي رابطو ڪيو پر اتي موجود اهڪارن ڄاڻايل نوجوانن جي گم ٿيڻ يا گرفتاري کان لا تعلقي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ يونائيٽيد پارٽي جي اڳواڻن فيض سنڌي، لياقت سومرو ۽ اصغر کوسو نوجوانن جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته انهن کي سڀني کي معلوم “نامعلوم” اهلڪارن کنڀي گم ڪيو آهي، جنهن جي اسين مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪارڪن خلاف ڪو ثبوت آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪري ڪيس هلايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو