کانٽي واهه جي آبادگارن جو احتجاج، پاڻي ڏيو جا نعرا

ڳاڙھو(ن س) گھوڙاٻاري  جي کانٽي واھ جي انتظاميا جي نا اهلي سبب پڇڙي تي پاڻي نه اچڻ خلاف آبادگارن احتجاج ڪندي انتظاميا کان گهر ڪئي ته واهه جي آّري تائين پاڻ پهچايو وڃي، فصل سڪي رهيا آهن.  ان موقعي تي اياز لاشاري، مصطفي چانڊيو ، وحيد رند،حق نواز رند، علي اڪبر آرائين، امين ڪلمتي، رسول بخش رند، شفيح محمد ميمڻ، ۽ حسن حسيني  جي اڳواڻي  ۾ سخت نعري بازي ڪئي وئي. اڳواڻن  صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ساڳئي مسئلي جي حل لا۽ ھنن 27 مارچ کان 13اپريل 2019 تائين لانگ مارچ ڪيو ھو جنهن ۾ اريگيشن کاتي جي اعلي آفيسرن چونڊيل نمائندن آگسٽ 2019تائين مسئلو حل ڪري ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو پر اھو واعدو وفا نه ٿيو جنهن ڪري ٻيھر پنهنجي احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪري رھيا آھيون ھنن چيو ته سڄي عرصي ۾ ساڻن ڪنهن به رابطو نه ڪيو  آهي نه وري سندن فون اٽينڊ ڪئي وڃي ٿي ھنن چيو ته ھن ڏس ۾ ھاڻي  شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ CM ھائوس تائين به وڃي سگهي ٿي ھنن مطالبو ڪيو ته سندن مسئلو حل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو