ڦٽين جي اگهه ۾ لاٿ ۽ نقلي دوائن خلاف احتجاج

سانگھڙ (رپورٽ ذوالفقار شاھ)ڦٽين جي اگهن ۾ هٿرادو لاٿ، غير معياري دوائن ۽ ڀاڻ جي سپلائي جي خلاف امين راڄڙ، مھراڻ سنڌي ، سليم رضا ڏاھري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، مظاهرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آبادگار ھن وقت شديد پريشاني جو شڪار آهي ھڪ پاسي ھزارين روپين جي خرچ ڪرڻ باوجود اسان جي فصلن کي بيماريون نٿيون ڇڏين جنھن جو ڪارڻ غير معياري دوائون ۽ ڀاڻ آهي ۽ انھيءَ سبب جي ڪري اسان جون فصلون به گھٽ لھن ٿيون شڪايتون ڪرڻ باوجود انھن خلاف ڪابـ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي ، ھڪ پاسي اسين نقلي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڪري پريشان آھيون ته ٻي پاسي فيڪٽري مالڪ ۽ پيڍين جا سيٺ ھڪ ھٽي قائم ڪري ڦٽين جا اگھ گھٽ ڪري اسان کي معاشي طور نقصان پھچائي رھيا آھن محنت ، ڀاڻ، دوا ۽ سار سنڀال ڪرڻ باوجود اسان کي گھٽ اگهه ڏنا پيا وڃن جنھن ڪري خرچ ڪڍڻ مشڪل ٿي ويو آهي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي فيڪٽري مالڪ ۽ پيڍي وارن جي ناانصافي ختم ڪرڻ لاء قدم کنيا وڃن ۽ آبادگارن جي معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو