ڦورن جي فائرنگ ،ڪار ڪلٽي، ڊرائيور سخت زخمي

جوهي (ن سنڌيار )جوهي فجر محل جوهي دادو روڊ سان ڪار ڦر ڪرڻ جي ڪوشش چورن جي سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪار ڪلٽي ڪار سوار قربان لنڊ سخت زخمي , زخمي نوجوان قربان لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته فجر محل دادو کان جوهي اچي رهيو هيس ته جوهي دادو روڊ تي نورواه لڳ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڪار روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ڪار نه روڪڻ تي سڌيون فائرنگ ڪري جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي معجراڻي طور تي بچي ويس هن وڌيڪ چيو آهي اسين محفوظ نه آهيون پوليس مين روڊ جي پڪيٽ تان غائب آهي  ايس ايس پي دادو رشوت عيوض پوليس اهلڪارن کي ويزا تي موڪلي ڇڏي جنهن سبب ڦرون, ڌاڙا, چوريون روز معمول بڻيل آهن  هن  آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻين الاختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته دادو ضلعي اندر وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو