ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿيل ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيا،احتجاج

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ ) ڏيڍ مھينو اڳ ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل مسمات ساماڻي خاتون سندس ڌيءَ مسمات فرزانه خاتون جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان وارثن عمران ملڪ، شهزادو ملڪ، فرمان ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته جوابدار رحمت الله ملڪ، عزيزالله، نصيب الله ملڪ ڏيڍ مهينو اڳ اسان جي گھر ۾ گھڙي اسان جي ماءُ مسمات ساماڻي خاتون ۽ ڀيڻ مسمات فرزانه خاتون کي قتل ڪري  ھليا ويا اهڙو ڪيس سي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي ۽ انهن کي گرفتار نه پئي ڪري ويتر جوابدار اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽس وٺي اسان جي قتل ٿيل ماءُ ۽ ڀيڻ جا قاتل گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو