ڏهرڪي ۾ پرڻيل عورت جو ڳلو ۽ نڪ ڪپيل لاش هٿ

ڏهرڪي (ن س) ڏهرڪي ۾ پرڻيل عورت جو تيز ڌار اوزار سان ڳلو ۽ نڪ ڪپيل لاش هٿ آيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتوله بشيران جي مڙس کي جاچ لاءِ تحويل ۾ وٺي رهيا آهيون، عورت کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، مقتوله بشيران جي مڙس وزير شيخ جو چوڻ آهي ته 2 سال اڳ مون ۽ منهنجي زال مذهب مٽائي پرڻو ڪيو هو، هڪ سال اڳ مان جوابدارن منظور شر ۽ قدير ڏهر خلاف بشيران سان زوري زنا جي ڪوشش جو ڪيس به داخل ڪرايو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته بشيران جو لاش 3 ڏينهن پراڻو لڳي ٿو، ذريعن موجب مڙس پاران زال کي قتل ڪرڻ جا علائقي ۾ چوٻول به آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو