سرحد(رپورٽ) سرحد ۾ ڌاڙيلن جا ٽولا ڪچي کان پڪي ۾ به پهچي ويا، سرحد ڀرسان پاڻي جي واري تي ويل 3 ڳوٺاڻا اغوا، هڪ ڄڻي ڀڄي جان بچائي ڌاڙيل ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا، وارثن جو سرحد ٿاڻي اڳيان ڌرڻو، پوليس کي مغوين جي بازيابي لاء 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم، ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان، خبرموجب سرحد جي ڪچي کان بعد هاڻي پڪي ۾ به ڌاڙيلن جا ٽولا پهچي ويا آھن سرحد ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه ڀرسان ڳوٺ جان محمد ڀارو تي گذريل رات دير سان زمين تي فصل کي پاڻي ڏيڻ ويل ٻن ڳوٺاڻن مشتاق ڀارو ۽ محمد عمر ڀارو کي هٿيارن جي زور تي ڌاڙيل اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا جڏهن ته هڪ ٻي واردات ۾ ڌاڙيل ڳوٺاڻي محمود پهوڙ کي به اغوا ڪري کڻي وڃي رهيا هئا ته هن ڌاڙيلن سان مذاحمت ڪري ڏني جنهن دوران کيس ڌاڙيل زخمي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن کي علاج لاء گهوٽڪي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته مشتاق ۽ عمر پهوڙ جي وارثن پاران ٻنهي جي بازيابي لاء ميان عبدالرحيم ڀارو، عزيز الله خان ڀارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن پاران سرحد ٿاڻي اڳيان ڌرڻون هڻي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙن جو چوڻ هو ته گهوٽڪي ضلعي جا حالات ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندس پيا وڃن ڪچي کان بعد ھاڻي پڪي جا علائقا به محفوظ ناهن رهيا روڊ رستا به ڌاڙيلن جي خوف وچان ويران لڳا پيا آھن هنن مغوين جي بازيابي جي گهر پڻ ڪئي، ٿاڻي اندر لڳل ڌرڻي دوران ايس ايڇ او سرحد ربنواز راڄپر مظاهرين سان پهچي ڳالهيون ڪيون جنهن جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ميان عبدالرحيم ڀارو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوليس کي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو آھي اگر مغوي باحفاظت بازياب نه ٿيا ته سومر تي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، هوڏانهن ايس ايڇ او سرحد ربنواز راڄپر رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مغوين جي بازيابي لاء پوريون ڪوششون آھن جلد مغوين کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويندو،
