ڌاڙيل پڪي جي ڌاڙيلن هٿان استعمال ٿي رهيا آهن،حليم عادل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڌاڙيل راڄ جو مسئلو پاڻي جي مسئلي ۾ وهائڻ جي ڪوشش ڪئي.پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاءِ نيشنل سيڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ 13 سالن کان معاشي ڌاڙيل راج آهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راج 7 هزار 780 ارب روپيه هڙپ ڪري ڇڏيا. حليم عادل شيخ چيو ته شڪارپور ۾ ڌاڙيل آزاد آهن، بڪتر بند گاڏين تي چڙهي وڊيو ٺاهي رهيا آهن ۽ اسٽيٽ جي رٽ کي چيلينج ڪري رهيا آهن. هي ڪچي جا ڌاڙيل ته معصوم آهن جيڪي پڪي جي ڌاڙيلن هٿان استعمال ٿي رهيا آهن.پڪي جا ڌاڙيل ڪراچي جي بنگلن ۾ رهندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اوهان چئو ٿا ته 8 ڌاڙيل مارجي ويا آهن ته انهن جون تصويرون ڏيکاريو، ٻڌايو وڃي ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي ڇو هٽايو ويو؟ جڏهن سنڌ جو وڏو وزير شڪارپور ويو ته ان سان ڪوبه ايم اين اي يا ايم پي اي ڇو نه هو؟ اڄ به چوان  ٿو ته موجوده سنڌ جي آءِ جي کي هٽائي اي ڊي خواجه کي مقرر ڪيو وڃي.سنڌ ۾ پ پ جو آءِ جي مقرر ٿيل آهي. پاڻي جي مسئلي تي هن چيو ته پنجاب ۽ سنڌ کي پنهنجي شيئر کان 32 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي. سکر بيراج ۾ 13، ڪوٽلي ۾ 30 سيڪڙو، گڊو ۾ 21 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي. سنڌ جي شاخن مان 332 ڊائريڪٽ ڪنيڪشن بلاول جي ويجهن مائٽن کي ڌنا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو