ڌاڙيلن سان مقابلي بعد ٻه بلوچستان واسي مغوي بازياب

ڪڌڪوٽ (رپورٽ غالب بلوچ) ڪنڌڪوٽ پوليس ٽي هفتا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل بلوچستان واسي ٻه مغوي ڌاڙيلن سان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل مغوين کي هڪ جڳھ کان ٻي محفوظ جڳھ ڏانهن منتقل ڪري رهيا هئا ۽ اهڙي خفيه  اطلاع ملڻ تي ڪنڌڪوٽ پوليس ايس ايڇ او بي سيڪشن الياس اوڍو ء ان جي ٽيم دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪئي. ڪاروائي دوران پوليس ء ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٽ ٿي جنهن دوران ڌاڙيل بلوچستان واسي ٻن مغوين کي ڇڏي ڪچي جي طرف فرار ٿي ويا. پوليس پاران بازياب ڪرائيندڙ ۾ بلوچستان واسي سعيد احمد پٺاڻ ۽ حبيب الله پٺاڻ شامل آهن. پوليس پاران پوري علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو