ڊي سي اسلام آباد کي جاري ڪيل ٻيو شوڪاز نوٽيس واپس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ ڊي سي اسلام آباد کي غير حاضري تي جاري ڪيل ٻيو شوڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار شو ڪاز واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت ڊي سي اسلام آباد جي پهرين مارچ تي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته فيصلو محفوظ آهي ۽ جمعي تي ٻڌايو ويندو.عدالت حڪم ۾ چيو آهي ته جوابدارن کي فيصلي واري ڏينهن پيش ٿيڻو پوندو، حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪئي وئي، ٻه ٽي ڏينهن باقي آهن، جمعي کانپوءِ ضرور پرڏيهه وڃڻ گهرجي.ڊي سي اسلام آباد پنهنجي وڪيل راجا رضوان عباسي سميت عدالت ۾ پيش ٿيو.ڊي سي اسلام آباد خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو پهرين مارچ تي ٻڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو