3 اعليٰ فوجي آفيسر برطرف، وڳوڙين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ ئي هلندا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل، ميجر جنرل احمد شريف چيو آهي ته فوجي ٺڪاڻن جي سيڪيورٽي برقرار رکڻ ۾ ناڪامي تي ليفٽيننٽ جنرل سميت ٽن آفيسرن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي. جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد 9 مئي جي واقعن بابت آگاهي ڏيڻ آهي، 9 مئي جي واقعن ثابت ڪيو ته جيڪو ڪم دشمن 76 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو ڪجهه شرپسندن ڪيو. هن چيو ته فوج ۾ خود احتسابي عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، ان عمل ۾ ڪنهن عهدي جو لحاظ ناهي رکبو.هن چيو ته 9 مئي سانحو پاڪستان خلاف هڪ وڏي سازش هئي، ان سازش لاءِ سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهايو ويو۽ فوج خلاف ذهن سازي ڪئي وئي. هن چيو ته شهيدن جا خاندان سوال ڪري رهيا آهن ته 9 مئي جي سازش ڪندڙن کي ڪڏهن انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو؟. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هن وقت تائين جي جاچ ۾ ڪيترائي ثبوت مليا آهن ۽ ملي رهيا آهن، پاڪستاني فورسز ڏينهن رات عظيم شهيدن جي جنازن کي ڪلها ڏئي رهي آهي، روزاني جي بنياد تي دهشتگردن خلاف ڪاروائي هلي رهي آهي ۽ سندن ٽرائل فوجي عدالتن م جاري رهندو. پاڪستان جي شهيدن جي يادگارن ۽ مجسمن تي تشدد ڪيو ويو، شهيدن جا خاندان اڄ سنگين سوال ڪري رهيا آهن، ڇا سندن پيارن قوم لاءِ جانون ڏنيون، شهيدن جا وارث پڇي رهيا آهن ته ملوث ماڻهن کي ڪڏهن انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. فوج جا سمورا رينڪ سوال اٿاري رهيا آهن ته جڏهن اسان جي شهيدن جي يادگيرين جي اهڙي ريت بي حرمتي ڪئي پئي وڃي ته پوءِ اسان کي پنهنجي جان قربان ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ميجر جنرل احمد شريف چيو ته 9 مئي جو سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي، سانحي جي منصوبابندي ڪيترن ئي مهينن کان ٿي رهي هئي. عوام کي ان خوفناڪ داستان کان آگاهه ڪيو ويو، دشمن جيڪو ڪجهه نه ڪري سگهيو اهو ڪجهه هٿرادو ماڻهن ڪري ڇڏيو، دهشتگردي خلاف آپريشن تيزي سان جاري آهي. پاڪ فوج خلاف زهريلي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، فورسز کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي عوام کان ڌار نٿو ڪري سگهجي.هڪ سال کان سياسي مقصدن ۽ اقتدار جي لالچ لاءِ ڪوڙو پروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي، پاڪ فوج جي فيصلن ۾ مڪمل رابطا ۽ شفافيت موجود آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هن سال 95 آفيسرن ۽ جوانن جون جانيون ضايع ٿيون آهن. دهشتگردي خلاف ڪامياب جنگ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي، پاڪ فوج ملڪ جي دفاع ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ قربانيون ڏيندي رهندي.عوام جو يقين آهي ته حالتون ڪهڙيون به هجن فوج ڪنهن به قرباني کان دريغ نه ڪندي.پاڪ فوج ڪنهن به قرباني کان دريغ نه ڪندي.فوجي عدالتن ۾ 102 شرپسندن جو ڪيس هلي رهيو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهندو.هن چيو ته 9 مئي سانحو نه وساريو ويندو ۽ ملوث عنصرن کي معاف نه ڪيو ويندو. ملوث سمورن ڪردارن کي پاڪستان جي آئين ۽ قانون تحت سزا ڏني ويندي، ان عمل جي مڪمل ٿيڻ ۾ رڪاوٽ وجهندڙن سان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.پنهنجي روايتن موجب پاڪ فوج خود احتسابي جو مرحلو مڪمل ڪري ورتو، تفصيلي احتسابي عمل کانپوءِ سڪيورٽي ناڪامي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.فوجي تنصيبات ۽ جي ايڇ ڪيو جي سيڪيورٽي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ليفٽيننٽ جنرل سميت ٽن اهم عهدن تان برطرف ڪيو ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوجي عدالتن ۾ 102 شرپسندن جو ڪيس هلي رهيو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهندو. فوج ۾ خود احتسابي جو عمل بغير ڪنهن فرق جي ڪيو وڃي ٿو.فوجي عدالتن بابت ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي.هن وقت سڄي ملڪ ۾ 17 اسٽينڊنگ عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن.فوجي عدالتون 9 مئي کانپوءِ وجود ۾ نه آيون، اڳ ئي موجود ۽ ڪم ڪري رهيون آهن. ثبوتن ۽ قانون موجب سول عدالتن اهي ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيا آهن.ثبوت ڏسڻ کانپوءِ قانون موجب سول عدالتن اهي ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن.انهن سمورن جوابدارن کي مڪمل قانوني حق حاصل آهن، انهن کي اپيل جو حق پڻ آهي.انهن جوابدارن کي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جو به حق آهي. هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت مڪمل جاچ کانپوءِ ان کي درست قرار ڏنو، سزا ۽ جزا انساني سماج، مذهب ۽ پاڪستان جي آئين جو حصو آهن.اسان لاءِ پاڪستان جو آئين سڀ کان اول آهي.9 مئي سانحي جو الزام فوج ۽ ايجنسين تي لڳائڻ کان وڌيڪ شرمناڪ ڪا به ڳالهه ناهي.گرفتاري جي چند ڪلاڪن اندر 200 فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا ويا.ڇا فوج پاڻ ئي پنهنجي خلاف ذهن ٺاهي ورتو؟، ڇا فوج پاڻ ئي سمورن فوجي تنصيبات تي حملا ڪيا؟ مان سوال ٿو ڪريان ته ڇا فوج اڳي ئي پنهنجا ايجنٽ بيٺا هئا، ڇا اسان پنهنجن سپاهين سان گڏ پنهنجن شهيدن جي يادگار کي ساڙي ڇڏيو؟ جڏهن ته اهو سلسلو هلي رهيو هو ته بي نامي اڪائونٽس مان ڪير وڌيڪ جلسو ڪرڻ جي پروپيگنڊا ڪري رهيو هو؟ پاڪ فوج جي ترجمان موجب فوجي تنصيبات ۽ جي ايڇ ڪيو جي سڪيورٽي اهلڪارن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون آهن، 3 ميجر جنرلز، 7 برگيڊيئرز سميت 15 آفيسرن کي ڊسپلين ۽ ليفٽيننٽ جنرل سميت 3 آفيسرن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي.هن چيو ته رٽائرڊ فور اسٽار جنرل جي پوٽي ۽ ريٽائرڊ فور اسٽار جنرل جي ناٺي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رٽائرڊ ٿري اسٽار جنرل جي بيگم ۽ ناٺي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ رٽائرڊ ٽو اسٽار جنرل يعني  ميجر جنرلز احتساب جي عمل مان گذري رهيا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي فوجي قيادت ۽ فوج 9 مئي جي ذميوارن کان پوري طرح واقف آهن. اهوساري ڇڏيو ته  9 مئي جي سانحي جي ذميوارن سان ڪا رعايت ٿيندي. ان واقعي جي سهولتڪارن کي به معاف نه ڪيو ويندو، سمورن جوابدارن کي پاڪستان جي آئين تحت سزا ڏني ويندي. 9 مئي جي سازش ڪندڙن ۽ سهولتڪارن کي بي نقاب ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا پاڪستان لاءِ وبا بڻجي چڪي آهي.9 مئي تي سوشل ميڊيا تي تباهي پکيڙڻ لاءِ بدنامي واري مهم شروع ڪئي وئي.9 مئي جا ماسٽر مائينڊ اهي آهن جيڪي فوج خلاف سازشون ڪيون ويون آهن.9 مئي جي واقعن جا ذميوار انساني حقن جي دعويٰ ڪندي لڪائي نٿا سگهن،ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 9 مئي جي واقعن جو مقصد فوج کي فوري رد عمل تي مجبور ڪرڻ هو، 9 مئي جي واقعن تي پاڪ فوج وڏي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي پهرين ترجيح رياست پاڪستان آهي. 9 مئي جي واقعن کان پوءِ عوام سڃاڻي چڪو آهي ته سچ ڇا آهي ۽ ڪوڙ ڇا آهي،سندس چوڻ هو ته اڳتي وڌڻ لاءِ 9 مئي جي واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن نه روڪيو ويو ته اهو ٻاهرين حملي لاءِ راهه هموار ڪندو، پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو خطرو اندروني انتشار آهي، ان سانحي جو سبب بڻيل عنصرن ۽ سببن جو ازالو ڪيو وڃي،ميجر جنرل احمد شريف چيو ته غير ارادي غلطين تي آفيسرن کي سزائون ڏنيون ويون، 9 مئي سانحو پاڪستان خلاف هڪ وڏي سازش هئي، مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته ڪا سياسي پارٽي پنهنجي ماڻهن کي فوج تي حملا ڪرڻ لاءِ چوندي،نقصان جي سرشتي موجب انڪوائري ڪئي وئي، ان سڄي ڪهاڻي سان گڏ ڪوڙا داستان ٺاهيا پيا وڃن. دفاعي بجيٽ جي حوالي سان پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جي دفاعي بجيٽ تاريخ جي گهٽ ترين سطح تي آهي، پاڪستان جي دفاعي بجيٽ هن سال 12.5 سيڪڙو جي ويجهو آهي. گذريل سال اهو 16 سيڪڙو هو.هن چيو ته دفاعي بجيٽ ۾ گهٽتائي مجموعي طور تي معيشت جي برابر آهي.جيڪڏهن پاڪستان جي معيشت وڏي هوندي ته فوج جي بجيٽ به وڌندي.اسان سڀني کي هن ملڪ جي معيشت لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب جعلي خبرن، سنسني خیزي کان پاسو ڪيو وڃي، مثبت بحث ۽ سوچ ۽ مثبت تنقيد کي منهن ڏيڻ گهرجي، هن وقت ملڪ لاءِ ذميوار صحافت ضروري آهي، سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا کي روڪڻ ضروري آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 9 مئي جي واقعن جو مقصد فوج کي فوري رد عمل تي اکسائڻ هو، سازش ڪندڙ چاهين ٿا ته فوج سخت رد عمل ڏئي ۽ ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪري، فوج 9 مئي تي تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀرپور جواب ڏنو.ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جڏهن به ڪو نقصان ٿيندو آهي ته پاڪ فوج انڪوائري ڪندي آهي، جنهن آفيسرن غفلت ڪئي يا بدتميزي ڪئي انهن کي سزا ڏني وئي، پاڪ فوج فوري رد عمل نه ڪندي بزدلاڻي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو