ڊي ايف سي آفس تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو رڪارڊ هٿ

ميرپور ماٿيلو(ن س) ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جي آفيس تي  گھوٽڪي جي فرسٽ سول جج جي موجودگي ۾ اينٽي ڪرپشن گھوٽڪي جي سرڪل آفيسر سانول گھوٽو جي سربراھي ۾  ڇاپو ھنيو ويو. ڇاپي دوران آفيس ۾ موجود عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو، اينٽي ڪرپشن رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد ميرپورماٿيلو ۽ گھوٽڪي جي سينٽرن تي 2017.18 دوران  ڪڻڪ خريداري وارو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي  پاڻ سان گڏ کڻي وئي. اينٽي ڪرپشن  جي سرڪل آفيسر ٻڌايو تہ گھوٽڪي ضلعي اندر لکين ڪڻڪ جون ٻوريون گم آھن جنھن جي جاچ لاء چاپو ھنيو آھي ميرپورماٿيلو سينٽر تي ٻورين جي ڳڻپ ڪئي وئي آھي بعد ۾ وزن ڪيو ويندو. ھن چيو تہ ڪجھ رڪارڊ کنيو آھي جنھن جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي. ياد رهي ته جڏهن نيب سکر خوراڪ کاتي جي مختلف شهرن جي گدامن تي ڇاپا شروع ڪيا هئا ته ڊي ايف سي گهوٽڪي جي درخواست تي اينٽي ڪرپشن وارن گهوٽڪي گدام تي ڇاپو هنيو هو. ان وقت خيال هو ته نيب کان بچڻ لاءِ هنن ايئن ڪيو آهي. گهوٽڪي ضلعي جو ڪيتريون ئي فلورملز نيب سيل ڪري ڇڏيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو