ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن جو حملو، 10 اهلڪار شهيد، 6 زخمي

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جي حملي ۾ 10 اهلڪار شهيد جڏهن ته 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا.پوليس موجب ڊي آءِ خان جي تحصيل درابن پوليس اسٽيشن تي رات دير سان اڻڄاتل دهشتگردن حملو ڪيو.دهشتگردن جي حملي ۾ ڊيوٽي تي موجود 10 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا.رپورٽن مطابق واقعي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز اعجاز شهيد پوليس لائين ۾ ادا ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو