ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ ڊينگي وائرس جي وڌندڙ ڪيسز انساني زندگين جي لاءِ خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ موذي وائرس وڌيڪ 2 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.سنڌ جي هيلٿ ڊپارٽمينٽ موجب ڪراچي ۾ هڪ 30 ورهين جي عورت ۽ 65 ورهين جو مرد ڊينگي بخار سبب فوت ٿي ويا آهن، اهڙين فوتگين کان پوءِ ملڪ ۾ ڊينگي بخار سبب فوت ٿي ويل ٽوٽل مريضن جو انگ 6 ٿي ويو آهي. صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1411 نوان ڊينگي ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.ڏٺو وڃي ته ڊينگي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي پر ملڪ جي ٻين حصن ۾ به انهي جا حملا جاري آهن. تازي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ 38 نوان ڊينگي مريض رپورٽ ٿيا آهن. جن ۾ لاهور ۾ 3، راولپنڊي ۾ 15 ۽ فيصل آباد جا 6 مريض شامل آهن.لاهور ۾ ڊينگي جي متاثر مريضن جو گڏيل انگ 565 تائين پهچي ويو جڏهن ته سموري پنجاب ۾ اهو تعداد 3.074 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 23 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا، جن مان 17 رورل ايريا ۽ 6 اربن ايريا سان تعلق رکن ٿا. ضلعي انتظاميه ڊينگي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سخت قدم جاري رکيا آهن. ڊينگي کان بچاءُ واري مهم جي تحت اسلام آباد جي مختلف اسپتالن ۾ هن وقت 67 مريض علاج هيٺ آهن. ڊينگي کان بچاءُ وارين ٽيمن شهر جي حساس علائقن ۾ 861 هنڌن تي فوگنگ ۽ 1.142 هنڌن تي اسپري جو عمل مڪمل ڪيو ويو. انهي کان علاوه شهر جي مختلف علائقن ۾ 30.137 انسپيڪشن ڪيون ويون ۽ 185 پازيٽو هاٽ اسپاٽس جي نشاندهي ڪئي وئي. ضلعي انتظاميه متاثر علائقن ۾ ڊينگي ٽيمن کي روزاني جي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.عوامي هنڌن تي آگاهي بينرز ۽ انفارميشن بورڊز لڳايا ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو آهي. انتظاميه شهرين تي زور ڏئي رهي آهي ته اهي صفائي جو خاص خيال رکن ۽ ڊينگي ايس او پيز تي عمل يقيني بنائين.










