ڊرامه سيريل ”تيري بن“ اڄ کان ٻيهر نشر ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سيونٿ اسڪائي انٽرٽينمينٽ پاران تيار ڪيل پاڪستان جو بلاڪ بسٽر ڊراما سيريل ’تيري بن‘ واپسي سان سنسني پيدا ڪري رهيو آهي.ڏسندڙن جي پرزور اصرار تي ٽي وي اسڪرين ۽ سوشل ميڊيا تي ڏسندڙن جا ڪيترائي نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ ڊرامو سيريل ”تيري بن“ هڪ ڀيرو ٻيهر نشر ڪيو پيو وڃي.هاڻي ڏسندڙ پنهنجو پسنديده ڊرامو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ کان روزاني شام 6 وڳي جيو ٽي وي تي ڏسي سگهندا.واضح رهي ته ڊرامو سيريل ”تيري بن“ ڪجهه عرصو اڳ نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۽ بنگلاديش جي اسڪرينن تي راج ڪرڻ بعد پڄاڻي تي پهتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو